ستاهيءَ وارو قلعو

ستاهيءَ وارو قلعو: دائودپوٽن ۽ ميان عطر خان ڪلهوڙي جي وچ ۾ ستاهيءَ واري قلعي وٽ زبردست جنگ لڳي هئي. ’تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مهر لکي ٿو ته: ”ديراوڙ جي فتح کانپوءِ دائودپوٽن، ستاهيءَ واري قلعي ۾ پناهه اچي ورتي. مخدوم شيخ راڄي، جانثار خان، راول راءِ سنگھه ۽ ميان خان ڪلهوڙو'>عطر خان ڪلهوڙو دائودپوٽن جو پيڇو ڪندا ستاهيءَ واري قلعي وٽ پهتا، جتي دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ دائودپوٽن ڏٺو ته کين شڪست ٿي رهي هئي. تنهنڪري دائودپوٽن پنهنجين عورتن کي هٿن سان ماري ڇڏيو، راجپوتن وانگر هنن اهو قدم جنگ دوران حڪمت عمليءَ طور کنيو، جو کين گمان هو ته مردن جي قتل بعد مخالف فوجي متان عورتن جي بيحرمتي ڪن. پر عورتن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ دائودپوٽا ايڏي ته جوش ۾ اچي ويا، جو کين لڙائيءَ بعد فتح نصيب ٿي ۽ مخالف فوج کي ستاهيءَ واري قلعي وٽان ڀڄائي ڪڍيائون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو